180

ڄامشورو ڀرسان ڪار سوار هٿياربندن جي مسافر ڪوچ تي ڪاهه، لکين رپيا روڪ رقم، زيور، موبائلون ۽ ٻيو سامان ڦر

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي هٿياربندن مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ عملي کان لکين رپين جي ڦرلٽ ڪئي آهي، واقعي خلاف مسافرن روڊ بلاڪ ڪري 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ڄامشورو ٽول پلازه ڀرسان ايم نائن موٽر وي تي ڪار ۾ سوار 8 هٿياربندن روڊ تي خراب بيٺل ٽرڪ جي ڊرائيور مختيار خان ۽ ڪلينر ارشاد کان 30 هزار رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪئي، ان دوران اتان گذرندڙ مردان کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ کي بيهاري هٿياربندن مسافرن کي هڪ ڪلاڪ تائين يرغمال بڻائي سمورن مسافرن کان روڪ رقم، موبائل فون، عورتن کان زيور ۽ ٻيو قيمتي ڦر ڪري ڪار ۾ سوار ٿي سولائي سان فرار ٿي ويا. واقعي خلاف ڪوچ جي مسافرن ايم نائن موٽر وي تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. روڊ بلاڪ هجڻ واري اطلاع تي پوليس ۽ موٽر وي عملدارن پهچي مظاهرين جون ڳالهيون ٻڌي ۽ انصاف جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪرايو. جنهن کانپوءِ ڪوچ پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪار ۾ سوار 8 هٿياربندن مسافرن کان 9 کان 10  لک رپين جي ماليت جي ڦر ڪئي آهي. جڏهن ته ڪوچ عملو مسافرن کي منزل تي پهچائڻ کانپوءِ ڄامشورو ٿاڻي تي پهچي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو