154

تعليمي ادارن ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته ترت بند ڪنداسين: پنجاب حڪومت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته ترت بند ڪنداسين. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ هو ته لاهور ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ واري شرح سڄي صوبي کان وڌيڪ آهي، 20 ليبارٽريون ٺهڻ سان هاڻي روزانو 24 هزار ٽيسٽ ڪرڻ جي سهولت موجود آهي. هن چيو ته نواز شريف کي پرڏيهه ويندي هڪ سال ٿي ويو آهي، هو روزانو تقريرون ڪري ٿو ان جو مطلب ته هو ٺيڪ آهي، کيس چيو وڃي ٿو ته واپس ڏيهه اچو ته چوندو آهي ته آئون بيمار آهيان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو