170

براڊ شيٽ رپورٽ پبلڪ ڪنداسين، عوام کان ڪجهه به لڪايو نه ويندو: وفاقي حڪومت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته حڪومت براڊ شيٽ پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عوام کان ڪجهه به نه لڪائينداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته مخالف ڌر  2 ڀيرا اين آر او وٺڻ وارن ڪرپٽ عنصرن جي امامت ۾ احتجاج ڪرڻ وڃي رهي آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي جنهن چيئرمين خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي پئي اهو عام چونڊن ۾ هو ئي نه. هن چيو ته براڊ شيٽ رپورٽ پبلڪ ڪنداسين ۽ عوام کان ڪجهه به نه لڪايو ويندو. هن چيو ته شهباز شريف رڳو تختيون هڻايون،مخالف ڌر ڪرپٽ عنصرن جي پيروي ۾ جمهوريت کي چئلينج ڪرڻ چاهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو