204

شهري بازياب نه ٿيڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 5 سالن کان گم شهري کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 2015ع کان هن وقت تائين جي وزيراعظمن ۽ وفاقي ڪابينا مٿان وڏو ڏنڊ مڙهڻ جو اشارو ڏنو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله 5 سال اڳ اسلام آباد مان گم ٿيل شهري عمران خان جي بازياب نه ٿيڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهري جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪندي 2015ع کان هن وقت تائين جي وزيراعظمن ۽ وفاقي ڪابينا مٿان وڏو ڏنڊ مڙهڻ جو اشارو ڏنو آهي. جسٽس اطهر من الله ڊپٽي اٽارني جنرل سان مڪالمي دوران رمارڪس ڏنا ته شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ رياست جي ذميواري آهي، جي آءِ ٽي هن کي جبري گمشدگي جو ڪيس قرار ڏنو هو، ان لاءِ ڪنهن تي ذميواري لاڳو ڪرڻي پوندي، اهو نه چئو ته رياست ڪجهه نٿي ڪري سگهي، ڀلي ان کي لائيو اسٽاڪ وارن کنيو هجي پر خبر ته پوي گم ٿيل آهي ڪٿي؟ آئين تحت هلندڙ معاشري ۾ جبري گمشدگي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي، وفاقي حڪومت ذميوار آهي ته ڇو نه وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا تي ڏنڊ مڙهيو وڃي. عدالت اٽارني جنرل جاويد خان کي عدالتي سهڪار لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل عدالت کي مطمئن ڪري نه سگهيو ت 2015ع کان وٺي هن وقت تائين جي وزيراعظمن ۽ ڪابينا تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو