153

آمريڪي صدر جي حلف برداري کان اڳ ئي واشنگٽن جو ريڊ زون فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب کان اڳ ئي واشنگٽن ڊي سي جو ريڊ زون فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جوبائيڊن جي حلف برداري تقريب 20 جنوري تي ٿيندي، جنهن کان اڳ ئي آمريڪي گادي واري شهر جا روڊ ويران آهن، هر طرف رڪاوٽون ۽ کاردار تارون وڇايل آهن، جڏهن ته وڏي انگ ۾ نيشنل گارڊ پڻ مقرر آهن. تقريب جي موقعي تي سڄي آمريڪا ۾ هٿياربند حملن جو خدشو آهي ۽ اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي رياستن ۾ نيشنل گارڊ مقرر ڪيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو