ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي ڪوڙيون آءِ ڊيز ٺاهي ڇوڪرين کي بليڪ ڪندڙ جوابدار کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ جوابدار کي پيش ڪيو، ان دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار هڪ ناري کي سندس غيراخلاقي تصويرون سوشل ميڊيا تي رکڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو هو، متاثر ڪٽنب جي درخواست تي جوابدار کي گرفتار ڪري وٽانئس ناري جون اگهاڙيون تصويرون هٿ ڪيون آهن. عدالت جوابدار کي 21 جنوري تائين جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
181