ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آهي. رپورٽن مطابق ڪوئيٽا جي هزارا گنج واري علائقي ۾ گهر اندر گئس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو عبدالله ڪاڪڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو،اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
162