160

ڄامشورو ۾ شورا برادري پاران پيرسن عطاءَ الله شورو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو ۾ شورا برادري پاران پيرسن عطاءَ الله شورو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.  ٺٽي جي ڳوٺ بادل شورو جي رهواسين نواب شورو، مجنون شورو ۽ فقير اشرف شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي ٺٽو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته 26 سيپٽمبر 2020ع تي شورا برادري جي 24 جوابدارن ڳوٺ بادل شوري تي حملو ڪري  ٻنين تي ڪم ڪندڙ  پيرسن عطاءُ الله شورو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حملي ۾ 16 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، اهڙي معاملي جو ڪيس داخل پڻ ڪرايو ويو پر ٺٽو پوليس هن وقت تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي. هنن الزام مڙهيندي چيو ته ٺٽو پوليس جوابدارن جي ونگار وهي رهي آهي، جنهنڪري سمورا جوابدار گرفتاري کان اڳ واريون ضمانتون منظور ڪرائي چڪا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري کين گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو