205

ڪشمور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ مڙس پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق ڪشمور جي ڳوٺ نظير خان ڊومڪي ۾ جوابدار راحب پتافي پنهنجي زال شبيران کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو آهي. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. علائقي ۾چوٻول آهن ته جوابدار راحب پتافي ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي گهر واري شبيران کي قتل ڪيو آهي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو