207

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي پروفيسرن ۽ ليڪچرارن کي 20 ڏينهن اندر ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي پروفيسرن ۽ ليڪچرارن کي 20 ڏينهن اندر ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 هزار کان وڌيڪ پروفيسرن ۽ ليڪچرارن کي ترقيون ۽ ٽائيم اسڪيل نه ڏيڻ جي حوالي سان سنڌ پروفيسرز ليڪچرارز ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري ڪاليجز عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ترقيون ڏيڻ ۽ ٽائيم اسڪيل بابت پاليسي ٺاهي ڇڏي آهي، 15 ڏينهن ڏنا وڃن، 17 کان 18هين گريڊ جا پيپر ورڪ مڪمل ڪري وٺنداسين، 17 ۽ 18هين گريڊ جي سمورن پروفيسرن ۽ ليڪچرارن کي ترقيون ڏنيون وينديون. ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو ليڪچرارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ترقيون ته گهري رهيا آهيو پر تعليم جو معيار ڏٺو آهي؟ سڄي سنڌ جي ڪاليجن جا نتيجا ڏسو ته سنڌجي تعليمي معيار جو پتو پئجي ويندو. ليڪچرارن جي وڪيل چيو ته مڃيون ٿا ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار سٺو ناهي، ان تي عدالت چيو ته تعليم جو معيار ايترو ڪري چڪو آهي جو ڊينٽل ڪاليج ۾ 2500 سيٽن تي شاگرد پورا نٿا ٿين. وڪيل چيو ته استاد تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪندا. معزز جج رمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ شاگردن جا نتيجا 30 سيڪڙو به نه هئا، ڪاليجن ۾ ٻارن جا نتيجا رڳو 48 سيڪڙو هو، سنڌ جي ٻارن کي نه سٺي تعليم پئي ملي ۽ نه ئي سٺي ڊگري ملي رهي آهي، ناقص تعليم جي ڪري سنڌ جي ٻارڙن کي ملازمتون نه پيون ملن. ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليجز چيو ته اسان ترقيون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر هنن کي چيو وڃي ته ٻارن کي به پڙهائين. ان موقعي تي سرڪاري وڪيل جواد ڏيرو چيو ته رڳو ايجوڪيشن ئي نه پر ٻين کاتن جي آفيسرن کي به پروموٽ ڪيو پيو وڃي، مامرو ڪابينا وٽ پهچي چڪو آهي، اڳئين مرحلي ۾ سمري وزيراعليٰ سنڌ کي موڪلي ويندي. سمورين ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي پروفيسرن ۽ ليڪچرارن کي 20 ڏينهن اندر ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته گريڊ 17 ۽ 18 تائين جي ليڪچرارن کي 20 ڏينهن اندر ترقي نه ملي ته چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ڪاليجز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو