184

ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سعودي عرب ۾ پنهنجو سفير تبديل ڪري ليفٽيننٽ جنرل (ر) بلال اڪبر کي نئون سفير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڄاڻايل عهدي تي راجا علي اعجاز ٻن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنيون. هاڻي سعودي عرب ۽ پاڪستان ٻنهي جي سفيرن جو ماضي فوج سان آهي، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي جو تعلق سعودي نيوي سان آهي. سفارتي ذريعن مطابق سفيرن جي مقرري ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو ثبوت آهي، هاڻي سفارتڪاري کانسواءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، فوجي ۽ سيڙپڪاري وارن شعبن ۾ کي وڌيڪ هٿي ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو