ليکڪ: قربان علي ارباب
ميرپورخاص واسي محمد يامين ۽ سندس ڀاءُ امان الله ارباب ٻن سالن کان ڪراچي ۾ مزدوري ڪري پنهنجي والدين ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. ٻئي الڳ الڳ هوٽلن تي روزگارڪندا هئا، انهن مان وڏي ڀاءُ يامين جو روڊ حادثي ۾ موت ٿي ويو، سندس لاش پوليس کڻي جناح اسپتال پهچايو، جتي سڃاڻپ نه ٿيڻ بعد فنگر پرنٽ ورتا ويا ۽ اهي اسلام آباد موڪليا ويا،14 ڏينهن بعد سندس سڃاڻپ ٿي ۽ ڀاءُ کي اهڙو اطلاع ڏنو ويو، امان الله ٻڌايو ته 14 ڏينهن تائين آئون ڀاءُ جي ڳولا ڪندو رهيس ته ڪٿي ملي وڃي، پر گذريل سال جي 27 ڊسمبر تي سندس سبزي منڊي سامهون روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿيڻ جو پوليس معرفت اطلاع مليو، مون کي ڪهڙي خبر هئي ته وڏي ڀاءُ جو لاش کڻي ڳوٺ وڃڻو پوندو ۽ امڙ ۽ ابي کي ڪهڙو جواب ڏيندس ته ڀاءُ جو لاش کڻي آيو آهيان، هن ٻڌايو ته اطلاع ڏيندڙ انسپيڪٽر عبدالشڪور ٻڌايو ته فوتي جو لاش جناح اسپتال کڻائي وياسين، جتي مالڪي نه ٿيڻ سبب ايڌي جي گاڏي ۾ کيس منتقل ڪري سهراب ڳوٺ آندو، يامين جو سڃاڻپ ڪارڊ هوٽل مالڪ وٽ هو، ان ڪري سڃاڻپ ۾ پريشاني ٿي، جنهن بعد پوليس اسٽيشن تي رپورٽ ڪرڻ کانپوءِ فنگر پرنٽ وٺي 14 ڏينهن بعد سڃاڻپ ڪئي وئي ۽ ان تي ايڊريس سانگهڙ جي ڳوٺ غلام محمد ارباب تعلقو کپرو طور ڪئي وئي، جنهن بعد کپرو پوليس والد کي اطلاع پڻ ڪيو، هوڏانهن نوجوان جو لاش ڳوٺاڻي پاٽيون ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، نوجوان جي وارثن خدشو ڏيکاريو آهي ته پوليس جاچ پڙتال درست نه ڪئي آهي، ان ڪري ته اسان جي ٻچڙي جا مليل ڪپڙا شاهدي ڏئي رهيا آهن ته سندس حادثو نه ٿيو آهي پر کيس قتل ڪيو ويو آهي، پوليس جي جاچ ۾ اسان کي شڪ پيدا ٿي رهيو آهي، ڇو ته 24 ڊسمبر تي يامين رابطو ڪيو هو ته آئون شيرو هزاري واري وٽ هوٽل تي نوڪري ڪري رهيو آهيان ۽ خوش آهيان، ٽن ڏينهن کانپوءِ فون ڪئي سين ته رابطو نه ٿيو، اتي رهندڙ ٿرپارڪر واسين سان ذڪر ڪيوسين انهن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳولا به ڪئي پر نه مليو، جڏهن هوٽل مالڪ سان رابطو ڪيو ته هن ڌمڪيون ڏيندي چيو ته ڇوڪرو اسان وٽ ڪم ڪندو هو پر هاڻ هليو ويو آهي ۽ هتان نڪرو نه ته پوليس کي فون ٿو ڪريان، هنن چيو ته اسان پريشان ٿي ويا هئاسين، اوچتو 14 ڏينهن گذرڻ بعد نوجوان جو لاش مليو، هنن چيو ته يامين هڪ مزدور پورهيت هو، کيس هڪ پٽ جو اولاد آهي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، پوليس اسان کي اوندهه ۾ رکيو آهي، حقيقتون نه پيون ٻڌايون وڃن، اسان جي ٻچڙن جي مليل ڪپڙن ۾ رت جو ڪو به نشان نه آهي، پر سندس ڪرنگهي جي هڏي تي تشدد جا نشان هئا ۽ هڪ ڄنگهه به ٽٽل هئي، جنهن مان لڳي ٿو ته کيس قتل ڪيو ويو آهي، نوجوان جي والد سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي انصاف ڏياريو وڃي ۽ يامين جي موت بابت شفاف جاچ ڪرائي ٻچڙي جا قاتل ظاهر ڪيا وڃن ته جيئن اسان سک جو ساهه کڻي سگهون. گڏوگڏ اهو به معلوم ٿي سگهي ٿي، نيٺ هن جو قصور ڪهڙو هو، هن چيو ته ڪراچي اسان جو پنهنجو شهر آهي پر اتي روزگار ۽ وسيلن تي قابض ٻاهريون ڌريون آهن ۽ اسان ڌرتي ڌڻي انهن وٽ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهيون ۽ انهن جو رويو اسان سان انتهائي ظالماڻو رهيو آهي، هن اهو به مطالبو ڪيو ته يامين جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ هوٽل مالڪ شيرو هزاري کي به شامل ڪيو وڃي ۽ سموريون حقيقتون ظاهر ڪيون وڃن، اسان پٽ ته وڃائي ويٺا آهيون، پر چاهيون ٿا ته هن جي روح کي سڪون ملي، سندس قاتل پڌرا ڪيا وڃن.
ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن ۽ پورهيتن جي قتلن جا واقعا ته معمول بڻيل آهن، پر بدقسمتي سان اهڙن واقعن ٿيڻ کانپوءِ انهن جي پوئيواري نه ٿي ڪئي وڃي ۽ سرڪاري سطح تي مالڪي نه ٿيڻ سبب سنڌي پورهيت ڪراچي ۾ ننڌڻڪا بڻيل آهن، آئون به سنڌ حڪومت کان گهر ٿو ڪريان ته ڄاڻايل واقعي جا پيرا کنيا وڃن ۽ اهي اهڙي نموني سان کنيا وڃن جو ڏوهاري جي در تائين پهچن ۽ انهن کي سزا به ملي جيئن وري ڪو ٻيو پورهيت حياتي نه وڃائي.