165

جمهوري حڪومتن جو انتظامي ڪلچر…

ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو

حڪومتون عوام۽ عوامي مفادن جي پورائي لاءِ  قائم ڪيون وينديون آھن،جمھوري ملڪن ۾حڪومتي وھنوار۾توازن پيدا ڪرڻ لاءِ ان جي ترتيب کي ٻن حصن ۾ورھايو ويندو آھي،جنھن تحت ھڪ کي حڪومتي۽ ٻئي کي مخالف ڌر جو نالو ڏنل آھي،حڪومتي ڌر کي ملڪي وھنوار ھلائڻ جا اختيار ھوندا آھن ۽ وري مخالف ڌر کي حڪومتي چال چلت تي نظر رکڻ ۽ سندس غلطين کي عيان ڪرڻ جي ذميواري سونپيل ھوندي آھي،جيڪڏھن ھن وقت ھلندڙ ملڪي وھنوار تي نظر وجھبي ته معاملو ابتو نظر ايندو، حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر پنھنجن پنھنجن فرضن کان ھٽي ڪري  غير واسطيدار سرگرمين ۾ رڌل آھن ،جن جو ملڪي ۽ عوامي ڀلائيءَ  جي ڪمن سان ڪو به واسطو ڪونھي، جيڪڏھن ٻنھي ڌرين جي فرضن جي تور ڪجي ته حڪومتي ذميوارين جو پڙ ڳؤرو نظر اچي ٿو، ڇو ته اختيارن جا وٽ حڪومتي پڙ۾ پيل آھن،گذريل ستن ڏھاڪن جي حڪومتي وھنوار تي نظر وجھبي ته حال حبيبان پيش پريان لڳو پيو آھي، دنيا ۾حڪومتون ڀلي ڪھڙي سرشتي تحت جڙن پر مڙني ۾حزب اقتدار۽ حزب اختلاف جو تصور ضرور ھجي ٿو،ملڪ عزيز ۾ ڀل فوجي حڪومت ھجي يا سول حڪومت ھجي، دعوا ٻنھي جي عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ھوندي آھي،پر حقيقت ۾ ميدان تي ايئن ناھي ھوندو،سڀ ڌريون يا جماعتون پنھنجون پنھنجون حڪومتون بچائڻ لاءِ ڪم ڪنديون آھن،عوام جو رڳو نالو ھوندو آھي،قانون اھو جوڙبو،خرچ اتي ڪبو جنھن جو سڌو يا اڻ سڌو فائدو حڪومتي ڌر کي پوي،باقي حڪومتي وھنوار جون ظاھرداريون مخالف ڌر کي خاموش ڪرائڻ لاءِ  ھونديون آھن،حڪومت جي ھٿ وس سمورا ادارا مخالف ڌر جي خرابي،گلا ۽ ڪردار ڪشي ۾مصروف ٿي عوامي مسئلن کي اوجھل ڪري ڇڏيندا آھن، حڪومتي مصروفيتون ھر حال ۾ اھو يقين ڏيارڻ ۾رڌل ھونديون آھن ته سموري خرابي مخالف ڌر ۾آھي، جيڪڏھن مخالف ڌر ختم ٿي وڃي ته سڀ ڪجهھ ٺيڪ ٿي ويندو، ان روش سان عوام جا وسيلا عوام جي خلاف استعمال ٿيندا آھن ،نتيجي طور ملڪ ۽ قوم ترقيءَ بدران  تنزليءَ  ڏانھن وڌندا آھن، جمھوري اڳواڻن جي دعوا آھي ته جمھوريت مسئلن جو حل آھي،جيڪو سچ ته آھي پر  اھا ئي جمھوريت غير جمھوري ذھنن جي ور چڙھي وڃي ته نتيجا ڏاڍا خطرناڪ نڪرندا آھن، جيئن اڄڪلهھ جون حالتون آھن،موجوده دؤر۾وطن عزيز ڏاڍين ڏکين حالتن مان گذري رھيو آھي،انائن  جي ور چڙھيل زخمي جمھوريت ۽ تيماردار ھڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾پورا آھن، ملڪي جمھوريت کي ھڏڪيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪو پاڻي پيارڻ وارو به ناھي، عوام ملڪ ۽ قوم جو نالو وٺڻ ڄڻ ڏوهه بڻجي ويو آھي، اھڙن ڪردارن کي غلط لقب ڏنا وڃن ٿا، ھاڻي ته حڪومتي ڌر کلي عام مخالف ڌر ۽ ان جي اڳواڻن کي غدار۽ ملڪ دشمن چوڻ کان به نٿي ڪيٻائي،کين سڀ برايون مخالف ڌر ۾نظر اچن ٿيون،ان ڪري حڪومت سموري مشينري ۽ طاقتور ادارن کي مخالف ڌر ۽ ان جي اڳواڻن جي پويان لڳائي ڇڏيو آھي،ڄڻ حڪومت جي نظر ۾سڀ ڪجهھ ٺيڪ آھي، رڳو مخالف ڌر جي خرابي آھي،جيڪا دور ڪرڻي آھي، حڪومتي اھلڪار۽ سندس سمورا خابرو ادارا حڪومتي ڪارڪردگيءَ  جي تشھير  ڪري پنھنجو ناماچار عوام ملڪ ۽ دنيا تائين پھچائيندا آھن، پر اسان جي ملڪ ۾ٽڀو ئي اونڌو آھي،حڪومتي ڪارڪردگي ته ٻڙي آھي،باقي آھي مخالف ڌر، انجي پويان حڪومتي واويلا جي حد تائين ڪار ڪردگي شاندار آھي، حڪومتي ڪارندا وزير اعظم،وزيرن، مشيرن، خاص مددگارن سميت ڏينھن جو ٽين چئين وڳي ننڊ مان اٿن ٿا،پوءِ سڀ ھٿ ڌوئي قطار ڪري مخالف ڌر جي پويان پئجي وڃن ٿا،ايتريقدر جو معاملو گار گند جي حد تائين وڃي پھچي ٿو،شام کان وٺي اڌ رات تائين اخباري ۽ چئنلز ڪانفرنسز ذريعي ڳالھوڙ سان ملڪ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري ٿا ڇڏين ٿا،ان کان پوءِ  نشرياتي ادارا پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ساڳيو سربستو احوال ٻئي ڏينھن اٺ جي اوڳر جيان اوڳاڇي عوام کي بيزار ڪن ٿا، اڄڪلھه جي حڪومت ڏينھن جو سمھي ٿي ۽ رات جو جاڳي ٿي،اوندهه ۾مخالف ڌر جا وڃايل پيرا کڻي ٿي ۽سمجھي ٿي ته عوام جا مسئلا حل ٿي رھيا آھن،عوام جو نالو ته ٻنھي ڌرين کان وسري ويوآھي،جو نه ته ان جو نالو کڻن ٿا نه وري ان جا مسئلا حل ڪن ٿا،حڪومت مخالف ڌر پويان لڳڻ بدران ،بجلي چور،اونداھي،گئس چور،ان چور،اٽي چور،کنڊ چور،مھانگائي،بد امني،خونريزي جا گم ٿيل پيرا کڻي انھن چورن کي ھٿ ڪري،ته عوام جا مسئلا حل ٿي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو