149

مونيڪا جي قاتلن جي گرفتاري، وارثن سان مڪمل انصاف جي ضرورت…

ايڊيٽوريل

پيرڳوٺ ڀرسان هادل شاهه ۾ 8 ڏينهن اڳ 8 ورهين جي نياڻي ۽ پهرئين ڪلاس جي شاگردياڻي مونا عرف مونيڪا لاڙڪ کي اغوا ڪري لڄالٽ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، جنهن جو لاش ڪيلن جي باغ مان مليو، اهڙي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جتي وارثن کي ڌوڏي ڇڏيو اتي سڄي سنڌ جو روح پڻ زخمي ٿيو ۽ اهڙي واقعي کانپوءِ پيرڳوٺ سميت سڄي سنڌ ۾ ساڃاهه وندن ۽ شعور رکندڙن احتجاجي مظاهرا ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ پوليس به فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون ويون ۽ هڪ اندازي مطابق 600 کان وڌيڪ ماڻهن جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سيمپل پڻ ورتا ويا ۽ هر رخ کان واقعي جي جاچ ڪئي وئي، پوليس جي اهڙين ڪاررواين بعد قانوني نقطئه نگاهه کان هي بلائينڊ ڪيس سلجهي ويو ۽ هڪ جوابدار عبدالله لاڙڪ جا نياڻي سان جزا ميچ ٿي ويا، جيڪو واقعي واري ڏينهن کان ئي گرفتار ٿيل آهي، گذريل ڏينهن خيرپور ۾ اي آءِ جي ڊاڪٽر ڪامران فضل، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي امير سعود مگسي گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته مونيڪا لاڙڪ کي ٽارگيٽ ڪري اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو، جوابدار اهڙو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان سان شامل وڌيڪ ٻن جوابدارن سليم شر ۽ منصور شر کي به گرفتار ڪري جاچ ڪريون پيا، انشاءَ الله هن ڪيس ۾ وڌيڪ سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو ويندو. پوليس عملدارن مطابق هيءَ بلائينڊ ڪيس هو، جنهن جي ڪا به شاهدي نه هئي، مٿان وري هاءِ ڪورٽ پڻ نوٽيس ورتو هو، جنهن کانپوءِ هن ڪيس کي سلجهائڻ لاءِ هڪ اسپيشل ٽيم ايس ايس پي نوشيروان جي سربراهي ۾ جوڙي، جڏهن ته ٻه ريڊنگ پارٽيون پڻ جوڙيون ۽ 10 هزار کان وڌيڪ موبائل فون نمبرن کي اينالائيز ڪري 600 ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا، جنهن کانپوءِ هن ڪيس ۾ ڪاميابي ملي آهي، عملدارن مطابق هن ڪيس ۾ڪنهن به وڏي ماڻهو جي ملوث هجڻ جون شاهديون ناهن مليون، پر جاچ جاري آهي، عملدارن اهو به ٻڌايو ته مقتولا ۽ جوابدارن جي خاندانن وچ ۾ خانداني رنجش تحت جوابدار نياڻي کي اغوا ڪري لڄالٽ بعد قتل جو انڪشاف ڪيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته خيرپور سميت ڊويزن جي پوليس هن ڪيس ۾ انتهائي ڦڙتي ۽ ايمانداري سان جنهن ريت ڏينهن رات هڪ ڪري ڪيس سلجهايو آهي، ان حوالي سان خيرپور پوليس جس لهڻي ٿي ۽ خاص ڪري ايس ايس پي ۽ سندس جوڙيل خاص ٽيمن بهتر نموني ڪيس کي هينڊل ڪيو آهي، هنن ئي صفحن تي اسان اڳ به لکي چڪا آهيون ته قانون جي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ جنهن لڳن جي  ضرورت آهي، جيڪڏهن ان لڳن ۽ نيڪ نيتي سان اسان جي پوليس ڪم ڪري ته سماج مان ڏوهه گهٽجي سگهن ٿا، ان جو مثال مونيڪا لاڙڪ ڪيس طور سامهون رکي سگهجي ٿو، اسان خيرپور پوليس مان اها اميد به رکون ٿا ته هن ڪيس کي اتي ئي بند ڪرڻ بدران ان جي سڀني پاسن جي وڌيڪ جاچ ڪري سهولتڪار به گرفتار ڪيا ويندا، نه صرف ايترو پر جوابدارن خلاف سگهارو ڪيس داخل ڪري کين آخري انجام تائين پهچائڻ تائين پوليس کي سک سان نه ويهڻ گهرجي ۽ سنڌ جي نياڻي مونيڪا جي وارثن کي مڪمل انصاف ڏياريو وڃي، نه صرف ايترو پر اسان خيرپور پوليس مان اها به اميد رکون ٿا ته جهڙي نموني سان مونيڪا ڪيس سلجهايو ويو آهي، اهڙي ئي نموني سان ضلعي ۾ هلندڙ قبائلي تڪرارن جا ڏوهاري به گرفتار ڪري علائقي ۾ امن لاءِ پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو