ليکڪ: حامد مير
ڊبل گيم ته وڏي عرصي کان جاري هئي پر هڪ گريٽ ڊبل گيم 2019ع ۾ شروع ٿي، ان گريٽ ڊبل گيم جا نتيجا سامهون اچڻ جي اميد ته 2020ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ هئي پر ڪورونا وائرس گريٽ ڊبل گيم کي بريڪ هڻي ڇڏي، 2021ع جي شروعات سان ئي گريٽ ڊبل گيم ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي، 3 جنوري 2021ع تي بلوچستان جي علائقي ۾ مچ ۾ 11 هزاره مزدورن کي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻايو ويو ۽ ان دهشتگردي جي ذميواري داعش قبول ڪئي، جنهن هن خطي ۾ 2015ع ۾ جنم ورتو، داعش هڪ اهڙو ئي حملو 25 مارچ 2020ع تي ڪابل ۾ سکن جي هڪ گردواري تي به ڪيو هو، جنهن ۾ 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا هئا، اهي سک ۾ هٿين خالي هئا ۽ مچ ۾ قتل ٿيل غريب هزاره مزدور به هٿين خالي هئا، ڪابل جي حملي ۾ هڪ ڀارتي شهري محمد انيس ملوث هو، جنهن جو عسڪري نالو ابو خالد الهندي هو، پر مچ جي حملي ۾ ملوث ماڻهن جا نالا اڃا تائين سامهون نه آيا آهن، مچ حملي جو مقصد پاڪستان ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ پکيڙڻ نظر اچي ٿو، حڪومت جي نااهلي سبب هزاره مقتولن جا لاش ڪيترن ئي ڏينهن تائين دفنائجي نه سگهيا، ان دوران حڪومت چيو ته قتل ٿيل مزدورن ۾ ڪجهه افغان شهري هئا ۽ افغان حڪومت انهن جا لاش گهري رهي آهي پر پوءِ سڀني کي پاڪستان ۾ دفنايو ويو، هزاره مزدورن جي قتل جي ذريعي پاڪستان ۾ فرقيواراڻي باهه ڀڙڪائڻ جي سازش ته ناڪام ٿي وئي پر خطرو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ان قسم جون سازشون جاري رهنديون ۽ جيڪڏهن انهن سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪا مضبوط حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وئي ته اها گريٽ ڊبل گيم ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جنهن جو اصل مقصد پاڪستان ۽ افغانستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي، ان گريٽ ڊبل گيم جي ماسٽر مائينڊ جو پتو لڳائڻ ڪو ڏکيو نه آهي، صرف ان سوال تي غور ڪري وٺو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پيدا ٿيڻ سان ڪنهن کي فائدو ۽ ڪنهن کي نقصان ٿيندو، جواب نه ملي ته ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ ڊفينس اسٽڊيز جي هڪ استاد اويناش پلوال جو ڪتاب ” مائي اينيميز اينيمي“ (منهنجي دشمن جا دشمن) ضرور پڙهو، جنهن جي سر ورق تي هڪ تصوير ۾ افغان صدر اشرف غني ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هڪٻئي سان هٿ ملائي رهيا آهن، ٻين لفظن ۾ نريندر مودي پنهنجي دشمن جي دشمن سان هٿ ملا ئي رهيو آهي ۽ موصوف جي دشمن جو نالو پاڪستان، جڏهن ته دشمن جو دشمن اشرف غني آهي، اويناش پلوال جو تعلق ڀارت سان آهي ۽ هن افغانستان ۾ نريندر مودي جي گريٽ ڊبل گيم کي وڏن واضح لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏيو آهي، مودي هڪ طرف بلوچستان ۾ پاڪستاني رياست جي غلطين مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته ٻئي طرف پاڪستان پختونن ۾ بيچيني پکيڙڻ ۾ مصروف آهي، ان مقصد لاءِ هو افغانستان جي رستي سان پاڪستان ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، اهو ڪتاب 2017ع ۾ ڇپيو هو ۽ ڪتاب جي مطالعي سان خبر پوي ٿي ته مودي حڪومت افغان طالبان کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي انتهائي گهڻي ڪوشش ڪئي آهي پر ان کي ڪاميابي نه ملي آهي، پر اشرف غني جي مدد سان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪيترن ئي انتهاپسندن کي هن ڦاسائي ورتو آهي، جن مان اڪثر داعش جو حصو بڻجي چڪا آهن، 2019ع ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان ۾ امن معاهدي جا امڪان واضح ٿيا ته مودي ۽ اشرف غني هڪ گريٽ ڊبل گيم شروع ڪئي، اهي ٻئي ظاهري طور تي ته امن ڳالهين جي حمايت ڪن ٿا، پر اندر ئي اندر ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، مودي انهن ڳالهين جي ڪاميابي کان ان لاءِ ڊنل هو ته جيڪڏهن طالبان سان ڳالهين کانپوءِ آمريڪي فوج افغانستان مان واپس هلي وڃي ٿي ته پوءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به ويڙهاڪن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ اهو ئي سبب هو ته جڏهن افغان امن ڳالهيون هڪ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿيون ته مودي 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آئين جي شق 370 کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ تڪراري علائقي تي زور زبردستيءَ سان قبضو ڪري ورتو، سيپٽمبر 2019ع ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغان طالبان سان ڳالهيون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڇو ته افغان طالبان ڪئمپ ڊيوڊ ۾ اشرف غني سان ويهي ٺاهه تي صحيحون ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، مودي ۽ اشرف غني جي ڊبل گيم جي باوجود 29 فيبروري 2020ع تي قطر ۾ آمريڪا ۽ طالبان ۾ امن ٺاهه تي صحيحون ٿي ويون، جنهن تحت آمريڪا کي ايندڙ 14 مهينن ۾ پنهنجي فوج افغانستان مان ڪڍڻي هئي ۽ ڪابل حڪومت کي طالبان جي 5 هزار قيدين کي آزاد ڪرڻو هو، جنهن کانپوءِ انٽرا افغان ڊائلاگ شروع ٿيڻا هئا، ان ٺاهه تي صحيحن کان پوءِ افغانستان ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون ان جو هر رخ کان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، پري کان بيهي نظر ڦيرايو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته امن ٺاهه کانپوءِ افغانستان ۾ خونريزي وڌي وئي، پر جڏهن ويجهي کان حقيقتن کان ڏسو ته خبر پوي ٿي ته هڪ طرف ڪابل حڪومت ٺاهه تي عمل ۾ دير وارا حربا اختيار ڪيا ته ٻئي طرف طالبان خلاف هوائي حملن ۽ داعش جي زميني حملن ۾ تيزي اچي وئي، اها دعويٰ درست نه آهي ته افغان طالبان ۾ امن ٺاهه تي اختلاف آهي، طالبان دوحا ٺاهه جو مسودو افغانستان ۾ پنهنجي رهبر شوريٰ کي موڪليو هو، جنهن سمورن فيلڊ ڪمانڊرن سان مشورو ڪيو هو. جڏهن اتفاق ٿي ويو ته ملا هيبت الله آخوند هڪ ڪاميٽي کي چيو ته ان ٺاهه جو شرعي نقطئه نظر کان جائزو ورتو وڃي ۽ جڏهن ڪاميٽي جائزو مڪمل ڪري ورتو ته ان کانپوءِ ٺاهه تي صحيحون ٿيون، 2020ع ۾ عيد الفطر ۽ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي طالبان سيز فائر ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ ان پابندي تي عمل ٿيو، سيز فائر دوران حملا ٿيا ته داعش جي طرف کان ٿيا، طالبان طرفان نه ٿيا، اهو ڪو راز نه آهي ته قابل جي اتر ۾ شڪردرا جي علائقي ۾ داعش کي تربيتي مرڪز ڪنهن فراهم ڪيو؟ شروعات ۾ آمريڪا تي اهو الزام هنيو ويو ته اهو داعش جي ڳجهي مدد ڪري ٿو، پر آمريڪا داعش جي ڪيترن ئي اهم ڪمانڊرن کي نشانو بڻائي ان الزام کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.جڏهن ننگرهار ۽ ڪنڙ ۾ طالبان داعش کي شڪست ڏني ته داعش جي ويڙهاڪن کي افغان فوج پناهه ڏني، امن معاهدي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جيتري لچڪ طالبان ڏيکاري اها غير متوقع هئي. ملا عبدالغني بردار کان وٺي انس حقاني تائين طالبان جي ڳالهين جي ٽيم جي اڪثر ميمبرن ڪيترائي سال جيلن ۾ گذاريا ۽ آمريڪا خلاف جنگ ۾ پنهنجن پيارن کي قربان ڪيو، انس حقاني جا 4 ڀائر ۽ پڦي آمريڪين هٿان شهيد ٿيا، ان باوجود هن امن ٺاهه جو حصو ٿيڻ ۽ طالبان پنهنجي هڪ اڳوڻي آسٽريلوي قيدي ٽموٿي ويڪس کي به دوحا ٺاهه ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، انس حقاني پاڻ ايئرپورٽ وڃي ان جو استقبال ڪيو، طالبان دوحا ٺاهه کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ جيڪو ڪري سگهيا ٿي انهن ڪيو.سازش ٿي ته مودي ۽ اشرف غني طرفان ٿي. اميد آهي ته جوبائيڊن جي صدر بڻجڻ کانپوءِ امن ڳالهيون اڳتي وڌنديون، ڇو ته اهي ڳالهيون ٽرمپ شروع نه ڪيون هيون، اهي ڳالهيون اوباما جي دور ۾ شروع ٿيون هيون، جيڪي ماڻهو افغان امن ٺاهه جا ثمر سامهون نه اچڻ جي ذميواري طالبان مٿان وجهن ٿا اهي ٻڌائين ته داعش کي طالبان خلاف ڪنهن بيهاريو آهي؟ دشمن جي دشمن جي گريٽ ڊبل گيم جو مقصد ان امن ٺاهه کي ناڪام بڻائڻ آهي، ڇو ته ان ٺاهه جي ناڪامي پاڪستان جي ناڪامي قرار ڏني ويندي، ان ڪري دشمن مودي ۽ دشمن اشرف غني جي پاڪستان خلاف سازشن کي ناڪام بڻائڻ کانسواءِ امن ٺاهه ڪامياب نٿو ٿي سگهي.