اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي موٽر ويز ۽ نيشنل هاءِ ويز تي مسافرن جي مشڪلاتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته موٽر ويز تي مختلف ٽول پلازائن تي ڊگهين قطارن سميت مسئلن جو فوري ازالو ڪيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ جديد ڪمپيوٽرائيزڊ نظام جوڙيو وڃي، پي اي سي آڊيٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته براڊشيٽ جي معاملي تي سمورو لاڳاپيل رڪارڊ حاصل ڪري 10 ڏينهن ۾ پي اي سي کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ رڪوري جي حوالي سان لائحه عمل جوڙيو ويندو. اجلاس پي اي سي جي چيئرمين رانا تنوير حسين جي صدارت ۾ پارليامنيٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن مشاهد حسين سيد، نور عالم خان، منزه حسن، سيد نويد قمر، سيد حسين طارق، شاهده اختر علي، محمد ابراهيم خان، خواجه شيراز محمود، عامر محمود ڪياني سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي آغاز تي براڊشيٽ جي معاملي تي آڊيٽر جنرل چيو ته اسان کي 10 ڏينهن جو وقت ڏنو وڃي اسان نيب مان سان به ڳالهه ڪئي، هنن اسان کي 20 جنوري کانپوءِ رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو چيو آهي، اسان کي فارن مشن ۽ پرڏيهي وزارت کان به رڪارڊ وٺڻو پوندو، سيد نويد قمر چيو ته اهو اهم معاملو آهي ان کي ترجيحي بنيادن تي وٺڻ گهرجي، پي اي سي آڊيٽر جنرل کي 10 ڏينهن جو وقت ڏيندي براڊ شيٽ جي معاملي تي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، اين ايڇ اي 19 -2020ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي مختلف منصوبن ۾ بي قاعدگين جو جائزو وٺندي پي اي سي جي چيئرمين رانا تنوير حسين جي پڇاڻي تي مواصلات واري سيڪريٽري بي او ٽي جي بنياد تي هڪ منصوبي جي لاڳت وڌڻ جي معاملي تي چيو ته جوائنٽ آڊيٽرز جي رپورٽ لاءِ چئن هفتن جو وقت ڏنو وڃي، آڊٽ عملدارن چيو ته اسان کي ان رپورٽ جو 6 سالن کان انتظار آهي تنهن هوندي به پي اي سي جي چيئرمين چيو ته چئن هفتن ۾ رپورٽ يقيني بڻائي وڃي، رانا تنوير حسين چيو ته سيالڪوٽ موٽر وي تي اڃان تائين ڪيترو ئي ڪم باقي آهي، رانا تنوير حسين اين ايڇ اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته عوام جي مشڪلاتن جي ازالي لاءِ انهن شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي، پي اي سي جي چيئرمين چيو ته حڪومتي ميمبرن کي گهرجي ته هو انهن مسئلن جي حل لاءِ مواصلات واري وزارت سان ڳالهائين. حنا رباني کي چيو ته موٽر وي تي هڪ دفعو داخل ٿيو ته پوءِ جتان کان ٻاهر وڃو صرف اتي ٽول ورتو ويندو آهي، اسان کي ملتان تائين ٽن جاين تي رڪي ٽول ڏيڻو پوندو آهي، اهو ائين آهي ته هڪ رياست جا ٽي ٽي پاسپورٽ هجن، اين ايڇ اي چيئرمين حنا رباني کر جي موقف تي اتفاق ڪندي چيو ته واقعي اين ايڇ جي چيئرمين طور ان تي شرمندگي محسوس ٿي، اسان ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ نظام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پي اي سي جي چيئرمين رانا تنوير حسين هدايت ڪئي ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ٻن هفتن ۾ پي اي سي کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
