143

شفاف چونڊن سان پاڪستان ۾ ڪامياب جمهوري نظام کي هٿي ملندي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايندڙ چونڊون منصفاڻيون ۽ شفاف انداز ۾ ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان پاڪستان ۾ ڪامياب جمهوري نظام کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله خان نيازي سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر صدر کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي به بريفنگ ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايندڙ چونڊون منصفاڻيون ۽ شفاف انداز ۾ ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته شفاف چونڊن سان پاڪستان ۾ ڪامياب جمهوري نظام کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر ڪراچي کي 52 جديد فائر انجنز جي تحفي تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نئين فائر انجنز سان شهر جي فائر ايمرجنسي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ تيز رفتار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ڪراچي ۾ جمشيد ۽ پاڪستان ڪوارٽرز جي ترقي لاءِ کنيل قدمن جي ضرورت تي به زور ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو