205

آرزو ۽ علي اظهر جي نڪاح جا شاهد اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ آرزو واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪراچي جي عدالت آرزو ۽ علي اظهر جي نڪاح جي شاهدن کي اشتهاري قرار ڏنو آهي. ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ ننڍي عمر ۾ شادي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،  عدالت ناري آرزو ۽ علي اظهر جي نڪاح واري شاهدن کي اشتهاري قرار ڏنو آهي ۽ سندن گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ڪيس کي ٽرائل لاءِ سيشن عدالت اماڻي ڇڏيو آهي، پوليس مطابق نڪاح جا شاهد دانش ۽ حبيب ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو