222

عمرڪوٽ مان عوام سليڪٽڊ کي ڀڄائي ڇڏيو، عمران خان کي به ائين ملڪ مان ڀڄائي ڪڍنداسين: بلاول ڀٽو

عمرڪوٽ(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڀٽو چيو آهي ته عمرڪوٽ مان عوام سليڪٽڊ کي ڀڄائي ڇڏيو، عمران خان کي به ائين ڀڄائينداسين،  پرڏيهي فنڊنگ مان واضح ٿي ويو ته اهو نه رڳو سليڪٽڊ پر اسپانسرڊ به آهي،  پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مرحوم سيد علي مردان شاهه جي پهرين ورسي تي کاروڙو سيد عمرڪوٽ پهچي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل سندس پٽ سيد امير علي شاهه کي مبارڪباد پيش ڪئي، ان موقعي تي ورسي تقريب ۽ سيد امير علي شاهه جي ڪاميابي تي منعقد ڪرايل جشن کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته مرحوم سيد علي مردان شاهه هميشه عوام ۽ پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو هاڻي آئون اميد ڪريان ٿو ته سندس پٽ سيد امير علي شاهه ان جي مشن کي اڳتي کڻي هلندو ۽ عمرڪوٽ جي عوام جي خدمت ڪندو اڄ آئون عمرڪوٽ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته عمرڪوٽ جي عوام  سليڪٽڊ کي ڀڄائي ڇڏيو آهي، جمهوريت دشمن ۽ غريب دشمن کي ٻڌايو ته ووٽ صرف محترمه بينظير ڀٽو جو آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمرڪوٽ جي عوام هميشه پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هميشه جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ هاڻي سموري پاڪستان ۾ هن سليڪٽڊ عمران خان کي ڀڄائينداسين،  اهو نااهل وزير اعظم آهي جنهن عوام کي مهنگائي جي چڪي ۾ پيهي ڇڏيو آهي، عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ ايندڙ حڪومت عوام جي خدمت ڪندي آهي پر انهن عوام جي ڪابه خدمت ناهي ڪئي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم فارن فنڊنگ جي خلاف سراپا احتجاج آهي اليڪشن ڪميشن جواب ڏئي ته عمران خان کي ڪٿان فنڊنگ ٿي، اليڪشن ڪميشن کي عوام کي جواب ڏيڻو پوندو، ڪرپٽ ڪرپٽ جون ڳالهيون ڪندڙن جي سموري پارٽي ڪرپٽ نڪتي آهي، بلاول ڀٽو چيو ته کنڊ جي ڪرپشن سميت ڪنهن به ڪرپشن جو جواب نه مليو آهي، انهن کي جواب ڏيڻو  پوندو نه ته عمرڪوٽ جي عوام اسلام آباد پهچي هن کان استعيفيٰ گهري وٺندي، انشاءِالله اسان ڏينهن رات محنت ڪري عوام جي خدمت ڪنداسين جيئن اوهان بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو هو اهڙي طرح اوهان اسان جو به ساٿ ڏيو، تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ جي عوام اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عمرڪوٽ جي عوام اڄ به پ پ سان محبت ڪندو آهي،  سانگهڙ، ملير ۽ ٿرپارڪر ۾ به پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي،  اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته عمرڪوٽ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جنهن ٿوري وقت ۾ پارٽي جي لاءِ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جنهن جي ڪري ٻيون پارٽيون به هاڻي اسان کي سلام ڪن ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته 2013 کان سنڌ ۾ اليڪشن ٿئي جنهن ۾ اسان 100 ڪارڪن پارٽي کي ڏنا هن چيو ته عمرڪوٽ جي سياسي فتح وڏي ۽ تاريخي  ڪاميابي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي حقن ۽ پنهنجي قائد کي سڃاڻن ٿا، ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته مخالفن عوتن سان بدتميزي ڪئي، انهن جا روا ڇڪيا، بلاول ڀٽو اجازت ڏئي پنهنجن مخالفن کي نه ڇڏينداسين، انهن کي سبق سيکارينداسين ۽ پوءِ انهن جون دانهون دنيا ٻڌندي، بعد ۾ جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو،  تقريب ۾ صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي، صوبائي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي نواب تيمور خان ٽالپر، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ، ايم اين اي شازيه عطا مري، ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، ايم پي اي راڻا همير سنگهه، ايم پي اي ڊاڪٽر کٽو مل جيون، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، سريندر ولاسائي، اڳوڻي ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه، پونجو مل ڀيل سميت ٻين اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو