190

امير علي شاهه جي ڪاميابي بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي پاليسين جي فتح آهي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو پي ايس 52 جي ننڍي چونڊ۾ پ پ پ جي تاريخي ڪاميابي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جيالن کي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته امير علي شاهه جي ڪاميابي جمهوريت، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي پاليسين جي فتح آهي. هن چيو ته اها شڪست ارباب غلام رحيم کي ناهي پر غير جمهوري سوچ رکندڙ کي ٿي آهي. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته اهو ئي ارباب غلام رحيم آهي جيڪو آمر مشرف جي سهاري تي شوڪت عزيز کي کٽرائيندو هو جڏهن ته اڄ ارباب غلام رحيم کي ماڻهو پني ووٽ گهرڻ تي ووٽ به نٿا ڏين. هن وڌيڪ چيو ته عوام هڪ دفعو ٻيهر ارباب غلام رحيم کي شهيد محترمه  بينظيرڀٽو خلاف بدڪلامي جي سزا ڏني آهي ۽ هاڻي ارباب غلام رحيم پنهنجي رويي تي عوام کان معافي گهري. هن چيو ته عوام بينظير ڀٽو  خلاف ارباب غلام رحيم جي بدڪلامي کي  نه وساريو آهي ۽ نه ئي وساريندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو