ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ۾ ميگا ڪرپشن واري معاملي جي جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم گهربل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي پهتي. اينٽي ڪرپشن جي ذوالفقار سرڪي ۽ سيف الله هاليپوٽو سوڌو ٽن ڄڻن تي مشتمل (سي آئي ٽي) ٽيم سنڌ يونيورسٽي جي انتظامي بلاڪ ۾ پهچي ايڊيشنل رجسٽرار انور چنا کان گهربل رڪارڊ طلب ڪري ورتو. سنڌ يونيورسٽي جي ايڊيشنل رجسٽرار انور چنا پاران طلب ڪيل رڪارڊ ملڻ کانپوءِ ٽيم واپس رواني ٿي وئي. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جي سي آئي ٽي ميمبر ذوالفقار سرڪي صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل ميگا ڪرپشن واري معاملي تي جاچ جاري آهي، اڄ يونيورسٽي اچڻ جو مقصد جاچ جي سلسلي ۾ گهربل رڪارڊ چيڪ ڪرڻ هو، جيڪو انتظاميا پاران ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ 63 ڪروڙ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سميت 68 ڄڻن تي ڪرپشن جا الزام آهن.
168