197

مونيڪا قتل ڪيس جو مک جوابدار عدالت ۾ پيش، گرفتار ڪيل هادل شاهه جا سيد آزاد

خيرپور/پيرجوڳوٺ (رپورٽ: ثناءُ الله ميمڻ/گل سولنگي) پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ هادل شاھ ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ واري واقعي جو ڄاڻايل مک جوابدار عبدالله عرف عبلي لاڙڪ کي جاچ آفيسر فھيم نعيم ابڙو خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بڪتربند گاڏي ۾ آڻي پوليس جي سخت پھري هيٺ پيش ڪيو، عدالت ڄاڻايل جوابدار کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي، بعد ۾ جوابدار کي ٻيھر بڪتربند گاڏي ۾ پوليس جي پھري هيٺ نامعلوم هنڌ رکيو ويوآھي، هوڏانهن مونيڪا واقعي ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل ڳوٺ هادل شاھ جي سيدن سميت جاچ ۾ آيل ڪيترن ئي ماڻهن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي پاسي مونيڪا لاڙڪ واري واقعي واري هنڌ جو ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ڪالهھ ٻيھر وزٽ ڪري ڪجهھ تفصيل معلوم ڪيا ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ڳوٺ هادل شاھ پھچي سيد اسماعيل شاھ راشدي جي گهوڙن جي طنبيلي ۽ مينهن جي واڙي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جا بيان رڪارڊ ڪيا ۽ معلومات ورتي، ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ جو جڏهن به چاھيون ٻيھر معائنو ڪري سگهون ٿا اسان کي اڃان وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻي آھي جنهن سان شفاف جانچ ۾ مدد ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو