205

ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ”سوڀ“ آفيس پهتا، شهرين پاران شاندار آجيان

پيرجوڳوٺ: ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ”سوڀ“ آفيس پيرجوڳوٺ پھچي ”سوڀ“ اخبار جو مطالعو ڪيو ۽ پيرڳوٺ ”سوڀ“ جي رپورٽر گل سولنگي کي بھترين رپورٽنگ ڪرڻ ۽ سوڀ اخبار پاران مونيڪا لاڙڪ واري واقعي جي بھتر ۽ حقيقي ڪوريج ڏيڻ تي سوڀ سٿ کي جس ڏنو، هنن چيو ته مونيڪا واري واقعي ۾ سوڀ اخبار جاندار ۽ حقيقي خبرون ڇپي پوليس جي همٿ افزائي ڪئي، جنهن تي اسان کي تمام گھڻي خوشي آھي پرنٽ ميڊيا ۾ سوڀ اخبار بھتر ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ٻئي پاسي مونيڪا لاڙڪ واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ تي سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ سماجي اڳواڻن ايڊوڪيٽ سيد ابوبڪر شاھ راشدي، ايڊوڪيٽ شمس الدين لاڙڪ، ايڊوڪيٽ بشير احمد ڀنڊ، ايڊوڪيٽ راشد علي مھيسر، سيد علي حيدر شاھ لڪياري، سراج الدين مڱڻيجو، سيد عبدالستار شاھ، عبدالرزاق جوڻيجو ۽ ٻين ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کي گلن جا هار پارائي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو ڏنو، جڏهن ته ڄاڻايل سماجي اڳواڻن ڊي ايس پي پيرجوڳوٺ سيد حبدار علي شاھ، ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ دلي جان مگسي کي پڻ گلن جا هار پارائي اجرڪ اوڍايا ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو