واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر جوبائيڊن اڄ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون، ملڪ ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو، آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جي حلف برداري جي تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه، سفير ۽ خاص نمائندا شرڪت ڪندا، جڏهن ته حلف برداري تقريب دوران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، وائيٽ هائوس توڙي اهم عمارتن تي وڏي نفري مقرر ڪئي آهي، هوڏانهن خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب جوبائيڊن صدارتي عهدو سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن مسلمان ملڪن سان سفري پابنديون ختم ڪري ڇڏيندو، جڏهن ته پيرس ماحولياتي معاهدي ۾ ٻيهر شموليت کانسواءِ ڪيترن ئي ايگزيڪيوٽو آرڊرن تي صحيح ڪندو.
