اسلام آباد(م ڊ) نيب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا کي ڪڊني هلز پلاٽس الاٽمينٽ ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو آهي، نيب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف ان بابت ريفرنس تيار ڪري ورتو آهي، سليم مانڊوي والا تي سرڪاري پلاٽ وڪرو ڪرڻ ۾ سهولتڪاري جو الزام هنيو ويو، جڏهن ته نديم مانڊوي والا، اعجاز هارون ۽ ٻين کي پڻ ان ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، هوڏانهن اسلام آباد جي احتساب عدالت سليم مانڊوي والا 4 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي.
151