اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته براڊ شيٽ معاملو ٻيو پاناما ثابت ٿيندو، پي ڊي ايم هاڻي ڀلي لانگ مارچ به ڪري، اسين ان جي به آجيان ڪنداسين. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ڊي ايم کي ريڊ زون ۾ اچڻ جي اجازت عمران خان ڏني ۽ اهو سٺو فيصلو هو، اسان چاهيو ٿي ته ڀلي هنن کي کليل نموني سان کيڏڻ ڏنو وڃي، هنن جي سياست اها آهي ته ريڊ زون ۾ احتجاج ڪري رهيا هئا پر ميٽرو بس هلي رهي هئي، هن چيو ته مخالف ڌر جي احتجاج مايوس ڪيو، اسان وڌيڪ انتظام ڪيو پر انهن جا گهٽ ماڻهو آيا، منهنجي خيال ۾ جلسي ۾ 2 هزار ماڻهو هئا پر ٻين جي راءِ آهي ته جلسي ۾ 3 هزار ماڻهو هئا. هن چيو ته اڄوڪي شو کان پوءِ انهن کي لانگ مارچ جي به اجازت آهي، مخالف ڌر جي احتجاج جي اها ئي صورتحال رهي ته لانگ مارچ کي به ڀليڪار ڪنداسين. شيخ رشيد چيو ته محمود خان اچڪزئي جيڪو ڪجهه ڳالهايو آهي اهڙيون تقريرون ٿينديون ته پوءِ شايد حالتون اسان جي هٿن مان نڪري وڃن. هن چيو ته فضل الرحمان سان وري به جُٺ ٿي وئي ويو، هي هتي احتجاج پياڪن ۽ بلاول ڀٽو عمرڪوٽ ۾ جشن پيو ملهائي. هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز براڊ شيٽ پڙهي ڏسي ڪيس ڏاڍو خراب آهي، اهو شريف ڪٽنب خلاف ٻيو پاناما ثابت ٿيڻ وارو آهي.
151