اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني پنجن سالن کان گم ٿيل شهري عمر عبدالله جي بازياب نه ٿيڻ تي توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت اڳوڻي بچاءُ سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) ضمير حسين، اڳوڻي گهرو سيڪريٽري عارف خان ۽ اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد جان محمد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته موجوده گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي پڻ نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا آهن ته ادارا قانون کان مٿانهون ڪم ڪندا ته ماڻهو هٿيار کڻي سڄي نظام کي باهه ڏئي ڇڏيندا، هفتي اندر جواب نه ڏنو ته جيل موڪلي ڇڏينداسين، هڪ هفتي اندر جواب ڏيو، پوءِ نه چئجو ته توهان کي ٻڌو نه ويو، نااهلي ڏيکارڻ تي 6-6 مهينا جيل موڪليو ويندو، توهان ذميواري نه ٿا کڻو ته پوءِ وزيراعظم ذميوار آهي، ائين هلندو رهيو ته هڪ ڏينهن ماڻهو عدالتن سميت سڄي نظام کي باهه ڏئي ڇڏيندا، پوليس يا انٽيليجنس ايجنسيون ڪم نه ٿيون ڪن ته پوءِ ڇا ٿيندو، ڪو دهشتگرد آهي ته ان کي به عدالت ۾ پيش ڪريو، جج وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن سميت سڀ جوابدار آهن، جيڪڏهن ڪو ڪم نه ٿو ڪري ته هو ان عهدي جو اهل ناهي، پوليس فائل ڏٺو ته آءِ جي سميت سڀني نااهلي ڏيکاري، هي گم ٿيل شهري جا گهر ڀاتي بيٺا آهن انهن کي ڇا چوان ته ادارا ناڪام ٿي ويا آهن؟، ڇا بچاءُ وارو سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري عهدو انجواءِ ڪرڻ لاءِ رکن ٿا؟، عدالت گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري کان جواب طلب ڪندي 3 فيبروري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
146