اسلام آباد ( بيو رو رپورٽ) وفاقي حڪومت براڊ شيٽ جي معاملي جي ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان معاملي ۾ فائدو وٺندڙن توڙي فائدو ڏيندڙن جو پتو لڳائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي ريٽائر جج جي سربراهي ۾ جانچ ڪميشن قائم ڪري ورتو آهي. اهڙي ڪميشن جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني وئي. ڪميشن 45 ڏينهن ۾ پنهنجي جانچ مڪمل ڪندو، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملي ۾ شريف خاندان سميت ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيندڙ 200 شخصيتن سان گڏو گڏ 2000ع کان هيستائين ڪيس روڪرائڻ، معافي ڏياريندڙ سهولتڪارن کي سامهون آڻيندو، ان ڪميشن جي سفارشن جي روشني ۾سمورن ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، انڪوائري ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ڪري سگهندو. ان سلسلي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري اڱاري ڏينهن پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري ان بابت ڄاڻ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان براڊ شيٽ معاملي تي ڪابينا جي ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي هئي جنهن جو ڪنوينر آئون جڏهن ته وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ شيرين مزاري شامل هئا، ڪابينا جي ان ڪميٽي جي سفارشن تي انڪوائري ڪميشن ٺاهيو ويو آهي جيڪو براڊ شيٽ ڪيس ۽ فيصلي تي ٻڌل جانچ ڪندو، سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جو رٽائرڊ جج، ايف آءِ اي ۽ سينيئر وڪيل ڪميٽي جا ميمبر هوندا، اهو ڏسڻو پوندو ته لنڊن هاءِ ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪردار سامهون آيا آهن، انڪوائري ڪميٽي جي ٽي او آرز ۾ سموريون شيون انويسٽيگيشن ۾ شامل هونديون. هن چيو ته پاناما صحافي جي رپورٽ تي شروع ٿيو هو پر براڊ شيٽ جو معاملو حقيقتن تي ٻڌل ثبوتن سان گڏ هڪ فيصلو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته براڊ شيٽ کي نيب 200 ماڻهن جي لسٽ ڏني هئي، انهن ۾ اسحاق ڊار جو نالو شامل نه آهي، اسحاق ڊار جو پڇيو ويو ته لسٽ ۾ ان جو نالو ڇو نه آهي ته چيو ويو ته هو نيب جي تمام گهڻي مدد ڪري رهيو آهي، اسحاق ڊار ان دور ۾ نواز شريف جي خلاف سلطاني ٿي ويو هو. برطانيا جي ثالثي عدالت جو فيصلو 2016ع ۾پاڪستان حڪومت جي خلاف آيو پر پاڪستان ۾ ان فيصلي جي ڪا خبر نه آئي، اٽارني جنرل، حڪومت يا ڪنهن سفارتخاني جي آءِ ٽي کي اها ڄاڻ نه ڏني ۽ خبر روڪي وئي. هن چيو ته 2000ع ۾ شهباز شريف 7.34 ملين ڊالر نيب کي ڏنا جيڪي 70 لک ڊالر ٿين ٿا جڏهن چيف جسٽس افتخار چوڌري هو ته هن عدالت جي اندر نيب کان 7.34 ملين ڊالر شهباز شريف کي واپس ڪرايا. هن ٻڌايو ته معاهدو هڪطرفو ختم ڪرڻ تي ثالث عدالت جي حڪم تي 5 ملين ڊالر پاڪستان کي ادا ڪرڻا پيا. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته براڊ شيٽ، ٽروا، آئي آر اي جي فائنڊنگ موجب شريف فيملي جي ڳولهيل ملڪيتن جي ماليت 850 ملين ڊالر کان وڌيڪ جي آهي. ڪابينا انڪوائري ڪميٽي 45 ڏينهن ۾ جانچ مڪمل ڪندي، انڪوائري جا ٽي او آرز ٺهي ويا آهن، ته جيئن نيب معاهدي ”خامين“ سهولتڪارن کي سامهون آڻي سگهجي. هن چيو ته شريف فيملي جي خلاف بار بار ثبوت اچي ويا، شڪ شبهي جي ڪا گنجائش نه آهي ڪرپشن، مني لانڊرنگ ثبوتن سان سامهون اچي چڪي آهي.
144