139

پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ميمبر ڪنول شوزب خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر ڪنول شوزب جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس کي قانون مطابق ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي، بزرگ شهري راجا عبدالرحمان جي درخواست تي شاليمار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو، شهري جو موقف آهي ته ڪنول شوزب وڻ ڪٽي رهي هئي، منع ڪرڻ تي منهنجي گهرواري تي تشدد ڪيو ۽ سندس موبائل فون ڀڃي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو