لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ انڊسٽريل زون جو ڪم مڪمل. صوبائي وزير دورو ڪيو. پ پ پ چيئرمين 22جنوري تي افتتاح ڪندو. صنعت، واپار، اينٽي ڪرپشن ۽ گڏيل امداد کاتي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 22 جنوري تي لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جو افتتاح ڪندو. اميد آهي ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جو قيام علائقي جي ماڻهن کي با عزت روزگار فراهم ڪندو ۽ خوشحالي آڻيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۽ صوبي جي ٻين حصن ۾ صنعتي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جي فعاليت سان لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ ان جي ڀرپاسي جي نوجوانن ۾ روزگار جا بهتر موقعا ميسر ٿيندا. هن چيو ته صنعتڪار لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون ۾ صنعتون قائم ڪن. سنڌ حڪومت انهن کي سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته حڪومت سنڌ صوبي ۾ صنعتي ترقي چاهي ٿي پر وفاقي حڪومت جون پاليسيون هڪ رڪاوٽ آهن. صنعتڪار گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان پريشان آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت تعاون ڪري ۽ صنعتن جي ترقي ۾ اسان جي مدد ڪري ته جيئن بيروزگاري جو خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبي جي نوجوانن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ بابت ڏاڍو پرجوش آهي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ عوام کي نوڪريون ڏيڻ جي تاريخ رکي ٿي جڏهن ته چونڊيل حڪومت ماڻهن کي بيروزگار ڪري رهي آهي. ان جو سڀ کان وڏو مثال پاڪستان اسٽيل ملز جي هزارين ملازمن جي برطرفي آهي ھوڏانھن دوري دوران دوري دوران عملدارن صوبائي وزيرڄام اڪرام الله ڌاريجو کي لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون ۾ جاري ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني، ايم ڊي سائيٽ اعجاز بلو، سيڪريٽري سائيٽ نعيم عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو عبدالواحد ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
162