187

پنجگور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سان حادثو، ٻن ليويز اهلڪارن سوڌو 8 ڄڻا فوت، 20 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پنجگور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سان حادثو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ليويز اهلڪارن سوڌو 8 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق پنجگور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ نمي چيڪ پوسٽ وٽ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. فوتين ۾ 2 ليويز اهلڪار، 2 ٻارڙا، هڪ عورت ۽ 3 نوجوان شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو