178

پشاور ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪار سوار 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. رپورٽن مطابق ورڪس روڊ تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٽيڪسي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ريگي جا رهواسي جهانزيب ۽ محمد عثمان سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هنن دم ڏنو. پوليس مطابق ريگي واسي جهانزيب ۽ محمد عثمان عدالت ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ٽيڪسي ۾ واپس گهر وڃي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن کين فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا. پوليس مطابق ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي،  واقعي جون شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو