168

فخر آهي ته پنهنجي دور ۾ ڪا نئين ويڙهه شروع نه ڪئي: ٽرمپ جو الوداعي خطاب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي الوداعي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي فخر آهي ته مون پنهنجي دور ۾ ڪا نئين ويڙهه شروع نه ڪئي ۽ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا. وائيٽ هائوس مان روانو ٿيڻ کان اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي الوداعي پيغام ۾ چيو ته اسان اهو ئي ڪيو جيڪو ڪرڻ آيا هئاسين، پر  ان کان به گهڻو ڪجهه ڪيو، جڏهن ته مون کي فخر آهي ته پنهنجي دور ۾ ڪا نئين ويڙهه شروع نه ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته جرئتمنداڻي، اصولن ۽ حقيقت پسندي تي ٻڌل سفارتڪاري ذريعي اسان وچ اوڀر ۾ تاريخي معاهدا ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته هن ايراني جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کي به پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو.  پنهنجي الوداعي پيغام ۾ ٽرمپ ڪيپيٽل هل تي حملي بابت ڳالهائيندي چيو ته هن حملي سان سمورا آمريڪي خوفزده ٿي ويا ۽ سياسي تشدد هر ان شيءَ تي حملو آهي جنهن کي اسان آمريڪي هجڻ جي حيثيت سان ساراهيون ٿا، ان کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سندس انتظاميا دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي معيشت کي تعمير ڪيو، جڏهن ته اسان جي ايجنڊا ريپلڪن يا ڊيموڪريٽڪس بابت نه پر قوم جي بهتري لاءِ هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو