159

پاڪستان ميڊيڪل ڪونسل پنجاب جي 20 سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 283 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون، شاگردن پاران فيصلو واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل ڪونسل پنجاب جي 20 سرڪاري ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجن ۾ 283 سيٽون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان ميڊيڪل ڪونسل سڀ کان وڌيڪ سيٽون ڏکڻ پنجاب ۾ واقع ميڊيڪل ڪاليج ۾ گهٽايون آهن، گهٽ ڪيل سيٽون 10 سال اڳ وڌايون ويون هيون، فيصلي تي عمل هن ئي سال ڪيو ويندو. گذريل سال ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ۾ 3 هزار 621 اميدوارن کي داخلا ڏني وئي هئي، هن سال انهن ئي ڪلاسن ۾ 283 سيٽون گهٽائي 3 هزار 338 اميدوارن کي داخلا ڏني ويندي، جڏهن ته ايم بي بي ايس ۾ 267 ۽ بي ڊي ايس ۾ 16 سيٽون گهٽ ٿيون آهن. ٻئي پاسي سرڪاري ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز ۾ اوچتو 283 سيٽون گهٽجڻ تي شاگردن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، شاگردن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت سيٽون گهٽائڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو