151

پي ٽي آءِ فنڊز ڏيندڙ 40 هزار ماڻهن جي لسٽ ڏئي ڇڏي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ فنڊز ڏيندڙ 40 هزار ماڻهن جي لسٽ ڏئي ڇڏي آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اڪائونٽ جا تفصيل ڏيڻ مناسب ناهي، آءِ ڊي چوري ٿي ويندي آهي. ٻئي پاسي انهيءَ پروگرام ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي چئي رهيا آهيون ته 7 سالن کان ٽنگيل ڪيس جو فيصلو ڪريو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن دٻاءَ تي فيصلو نه پئي ڏئي ته ڇا اسان خاموش ٿي ويهي رهون؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو