ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري جي بازياب نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هاڻي هي ڊرامو نه هلندو، گم ٿيل ماڻهن کي واپس آڻيو، هاڻي آفيسرن کي جيل ۾ وجهڻ کانسواءِ اسان وٽ ڪو ٻيو رستو ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 سالن کان گم ٿيل شهري جي بازياب نه ٿيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت پوليس عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي جيل اماڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ مثال قائم ڪندي. جسٽس نعمت الله گم ٿيل شهري يونس جي بازياب نه ٿيڻ تي سرڪاري وڪيلن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته هٿڪڙي کڻي اچو، جاچ آفيسر کي هاڻي ئي جيل اماڻي ڇڏيون ٿا، هاڻي هي ڊرامو نه هلندو، گم ٿيل ماڻهن کي واپس آڻيو، هاڻي آفيسرن کي جيل اماڻڻ کانسواءِ اسان وٽ ڪو ٻيو رستو ناهي. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ جاچ آفيسر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته گم ٿيل شهري عبدالرحمان جي بازيابي لاءِ سي سي پي او ڪراچي کي طلب ڪري ورتو، عدالت حراستي مرڪزن ۾ قيد ماڻهن جي تفصيلن سميت سنڌ جي گهرو کاتي، پوليس ۽ ٻين ڌرين کان 17 فيبروري تي رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.
220