160

گوشوارن ۽ فنڊز ڪيس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين کي نوٽيس جاري، ڪير ڪيڏو به بااثر هجي پر ڪوبه فرق نه پوندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن گوشوارن ۽ فنڊز ڪيس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته ڪير ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي پر اليڪشن ڪميشن تي ڪوبه اثر نه ٿيندو. اليڪشن ڪميشن ۾ فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن پاران وفاقي وزير جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه ايندي. فيصل واوڊا جي وڪيل هڪ ڀيرو ٻيهر نااهلي جي درخواستن تي اعتراض واري ڇڏيا. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪير ڪيڏو به بااثر هجي، اليڪشن ڪميشن تي اثر نه پوندو، توهان دير جا هربا ڇو استعمال ڪري رهيا آهيو؟ توهان جي اهڙن ڪمن جي ڪري اسان کي ٻڌڻو پوندو آهي. ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ نااهلي جون درخواستون ٻڌڻ جو اختيار ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به نااهلي جون درخواستون داخل ٿيل آهن. ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ گوشوارن ۽ فنڊز بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سياسي پارٽين جي گوشوارن جي ڇنڊڇاڻ بابت پوليٽيڪل فنانس ونگ پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن گوشوارن ۽ فنڊز بابت ڪيس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جاري ڪيل نوٽيسن ۾ سياسي پارٽين کي 24 فيبروري تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو