واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) وڊيو اسٽريمنگ سائيٽ يوٽيوب ڊونلڊ ٽرمپ تي لاڳو پابندي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. يوٽيوب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تي لاڳو پابندي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ هو وڌيڪ 7 ڏينهن تائين پنهنجي چئنل تي ڪوبه وڊيو اپلوڊ ڪري نٿو سگهي ۽ نه ئي لائيو اسٽريمنگ ڪري سگهبي. يوٽيوب ڪيپيٽل هل تي ٽرمپ جي ردعمل کي ڏسندي سندس يوٽيوب چئنل تي 12 جنوري تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، جنهن ۾ يوٽيوب انتظاميا جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر تشدد بابت سندس پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
197