168

فارن فنڊنگ وارا پئسا عمران خان جي زمان پارڪ ۽ بني گالا واري رهائشگاهه تي خرچ ٿيا: ن ليگ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته فارن فنڊنگ وارا پئسا عمران خان جي زمان پارڪ ۽ بني گالا واري رهائشگاهه تي خرچ ٿيا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ شهباز شريف کي ٻيهر نيب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، حڪومتي ترجمان ڪاغذ کڻي کڻي الزام لڳائي پيو، شريف ڪٽنب ۽ ن ليگي اڳواڻن تي هن وقت تائين رڳو الزام ئي لڳندا رهيا آهن، اڍائي سال گذري ويا پر ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ناهي ٿي سگهي. هن چيو ته هي ماڻهو قومي ناڻي مان ڪميشن کائيندي پاڻ پڪڙجي پيا آهن، هي ماڻهو پاڻ خلاف ثبوت ڊاهي رهيا آهن، انهن تي آڱريون کڄن ٿيون ته سندن رڙيون نڪري وڃن ٿيون. مريم اورنگزيب پاڪستان تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پارٽي جي نالي سان هنن ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ورتي، شوڪت خانم ۽ نمل يونيورسٽي جي نالي تي ورتل چندو به غلط استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته فارن فنڊنگ وارو پئسو مان پارڪ ۽ بني گالا واري رهائشگاهه تي خرچ ٿئي پيو پر وزيراعظم عمران خان هر الزام تي هڪ ئي جواب ڏئي پيو ته مون کي خبر ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو