193

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۽ روهڙي کي ملائڻ لاءِ سنڌو درياهه تي نئين پل جلد اڏڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۽ روهڙي کي ملائڻ لاءِ سنڌو درياهه تي نئين پل جلد اڏڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ خورشيد شاهه جي پٽيشن تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران اين ايڇ اي جا عملدار پيش ٿيا.  عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سکر ۽ روهڙي کي ملائڻ لاءِ سنڌو درياهه تي نئين پل جلد اڏڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پل تعمير ڪرڻ بابت ٻن مهينن اندر فزيبلٽي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، بجيٽ تي نظرثاني تي مواصلات واري وزارت آڏو درخواست داخل ڪرائي وڃي. عدالت پل جي اڏاوت لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ بابت انتظامن تي عمل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو