برسلز(ويب ڊيسڪ) نيٽو ۽ يورپي يونين نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن سان گڏجي عالمي چئلنيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل طور ڪم ڪرڻ جا منتظر آهن. فرانسيسي خابرو اداري موجب نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولين برگ يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مچل سان ملاقات کان پوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته اسان کي آمريڪا ۽ يورپ وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو انتظار آهي. ڇو ته اسان مان ڪو به ملڪ اڪيلي سر عالمي چئلينجن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، اسان کي گڏجي عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن جوبائيڊن کي نيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني پر اجلاس جي تاريخ اڃا طئي نه ٿي آهي. جڏهن ته يورپين ڪائونسل جي صدر چارلس مچل نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ يورپي اڳواڻن سان خاص ملاقات منعقد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي.
174