اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي اقتصادي فورم عالمي خطرن بابت رپورٽ 2021ع جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس وبا غريب ۽ امير جي وچ ۾ فرق ۽ سماجي فرق کي به وڌائي ڇڏيو آهي، حالتون ايندڙ ٽن کان پنجن سالن ۾ عالمي معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهي سگهن ٿيون ۽ ايندڙ پنجن کان ڏهن سالن ۾ جاگرافيائي توڙي سياسي ڇڪتاڻ ۾ پڻ اضافو ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته 2020ع ۾ انسان ڊگهي مدي وارن خطرن کي نظر انداز ڪري سنگين نتيجا ڏٺا آهن، ان وبا نه رڳو لکين ماڻهن جون حياتيون کسيون پر ملڪن ۽ خطن جي وچ ۾ فرق ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻن سالن جي نمايان خطرن ۾ وچڙندڙ بيماريون، روزگار جو بحران، ڊجيٽل اڻبرابري ۽ سائبر سيڪيورٽي جهڙا مسئلا شامل آهن، ان کانسواءِ ايندڙ ٽن کان پنجن سالن تائين وبا جي ناڪاري اثرن جي ڪري معاشي توڙي فني شعبن کي پهچندڙ عالمي نقصان پڻ آهستي آهستي سامهون ايندا.
