192

نار وارن ملڪن کي سياحت جي شعبي ۾ 240 بلين ريال جو خسارو

دوحا(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب سميت نار وارن ملڪن کي ڪورونا وائرس جي وبا سبب سياحت جي شعبي ۾ 240 بلين ريال جو خسارو ٿيو آهي. سياحت بابت عالمي اداري فرسٽ اينڊ سولوان چيو آهي ته نار وارن  ملڪن ۾ سياحت ۾ سالياني 10 سيڪڙو اضافو ٿيندو رهيو آهي، ان لحاظ کان 2020 دوران سياحت جي شعبي ۾ 110 بلين ڊالر جو اضافو ٿيڻ گهرجي ها، جڏهن ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ائين نه ٿي سگهيو، نار وارن ملڪن ۾ صورتحال بهتر آهي پر ان جي باوجود اڃا تائين اتان جا رهائشي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه آهن ۽انهن جو  پرڏيهي ملڪن بدران پنهنجي ملڪن ۾ سياحت ڏانهن لاڙو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو