ليکڪ: آڪاش ڪورائي
تازو ئي قانون جي ٽن سالن واري لا ڊگري جي شاگردن لاءِ سنڌ يونيورسٽي امتحانن واري في ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سان شاگرد سخت پريشان آهن، يونيورسٽي پاران وڌايل في تحت فيل ٿيل شاگردن جي فيس 9300، پارٽ ٻه جي فيس 9900 ۽ آخري سال جي شاگردن جي فيس 17000 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان شاگردن مٿان فيس بم ڪري پيو آهي ۽ قانون جي تعليم وٺندڙ غريب شاگرد سخت مونجهاري ۾ اچي ويا آهن، فيس جي اهڙي ڳاٽي ٽوڙ واڌ بعد ڪيترن ئي شاگردن پنهنجي تعليم کي اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان شاگردن جو احتجاج پڻ هلندڙ آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهڙي واڌو فيس هرگز قابل قبول نه آهي، پنجاب توڙي ڪي پي ڪي سميت ڪٿي به يونيورسٽين جي اهڙي پاليسي نه هوندي ته پارٽ ون فيليوئر جي فيس 9300 ۽ پارٽي ٽو ۽ ٿري جي فين ۾ واڌ ڪئي وئي هجي، اسان سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙي وڌايل في ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي، جيئن غريب شاگرد به قانون جي ڊگري حاصل ڪري سگهن. هوڏانهن اهڙي وڌايل في خلاف حيدرآباد بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن به قراردادون به منظور ڪيون آهن، جنهن ۾ فيس جي واڌ کي رد ڪيو ويو آهي، اسان سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙي وڌايل فيس جو نوٽيس وٺي شاگردن کي رليف ڏياريو وڃي.