ليکڪ: طفيل مگسي
جنهن ملڪ گهريو ٿي اهو بندرگاهه استعمال ڪري رهيو هو،بندر گاهه جنهن جو مطلب هوندو آھي طاقت هڪ وقت ۾ اهي سمورا Balkan آسٽريا هنگري ۽ سلطنت عثمانيا جي ڪنٽرول ۾ ھئا پر بعد ۾ قومي آزادي جي نالي تي ڪجهھ ملڪ الڳ ٿي ويا،آسٽريا هنگري ۽ سلطنت عثمانيا جي قوت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ انهن رياستن تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ برطانيا،روس ۽ فرانس سان گڏجي انهن ملڪن ۾ قوميت جي نالي تي خودمختيار ٿي وڃڻ وارين سازشن ۽ بعد ۾ پاڻ انهن بندرگاهن تي قبضو ڪري پنهنجي سرمائيداراڻي طاقت ۾ واڌارو ڪرڻ ٿي چاهيو، ان ڪري انهن ملڪن ۾ تمام گهڻي جنگ ٿي ۽ ھر وقت جنگ جا ڪڪر ڇانيل رهندا هئا، ان سڄي صورتحال ۾ هر ملڪ هڪ ٻئي ملڪ سان جنگ ڪرڻ جي لاءِ تيار هو ۽ ھڪ ننڍڙي سبب ڪري انهن ملڪن کي Balkan پائوڊر سڏيو ويندو هو،جيئن بارود سان ڀريل ٽرڪ هجي، ان ۾ ڪنهن به وقت هڪ ننڍڙي چڻنگ لڳڻ سان سڄي ٽرڪ تباهه ٿي سگهي ٿي ۽ بدقسمتي سان هڪ اهڙو ئي واقعو پيش آيو،جنگ عظيم جي هن لکڻي پڙھندي هڪ ڳالهھ پنهنجي دماغ ۾ رکڻ کپي ته اڳ کان سمورن ملڪن جا ڳجها معاهدا ٿيل هئا،جن ۾ سواءِ انهن ملڪن جي جن جي وچ ۾ اهي معاهدا ٿيا ۽ ڪنهن کي ڪا پروڙ ئي نه هئي ان کانسواءِ تمام گهڻا ملڪ هڪ ٻيئي سان گڏ جنگ ۾ مصروف هئا ۽ صرف هڪ وڏي جنگ ڇڙڻ جي تياري ڪري رهيا هئا، يا جنگ ڇڙڻ جو صرف هڪ بهانو گهربو هو. ۽ انهي دوران هڪ اهم ۽ وڏو واقعو پيش آيو، جنهن جي ڪري سرد ۽ ننڍڙي جنگ جيڪا اڳ کان جاري هئي هڪ تمام وڏي جنگ ڇڙڻڻجو سبب بڻي ليڪن اهو واقعو ڪو معمولي واقعو نه هو ۽ اھو واقعو آھي آسٽريا هنگري جي شھزادي Archduire.franz.rdinanol ۽ سندس زال جو قتل.شھزادو پنهنجي زال سان گڏ (جيڪو ان وقت آسٽريا هنگري جو هڪ شھر هو.اڄڪلهھ Sarajevo جي گادي جو هنڌ آھي ) ۾ تفريح جي لاءِ آيو هو ۽ انهي ھنڌ تي bosina ۽ بيڪ بينڊ جي ڪجهھ ساٿين گڏجي ڪري 28جون 1914ع ۾ ھن جو قتل ڪيو ۽ اھو قتل ان ڪري نهايت حساس هو ڇوته اڳ کان آسٽريا هنگري ۾ اعلان ٿي چڪو هو ته اهو شھزادو ايندڙ بادشاھ ٿيندو يعني ٻين لفظن ۾ بادشاھ جو قتل.ليڪن ان سان گڏ وگڏ ھي به ڄاڻڻ نهايت ضروري آھي ته آسٽريا هنگري جون حالتون اڳ ئي خراب هيون ڇوته برطانيا،روس ۽ فرانس اڳ کان ئي ان سربيا تي قبضو ڪرڻ چاهيو ٿي، روس سربيا جي بندرگاهن کي حاصل ڪرڻ جي ڪافي ڪوشش ڪري رهيو هو.سربيا جيڪو اڳ ۾ سلطنت عثمانيا جو حصو هو، جيڪو بعد ۾ 1878ع ۾ مڪمل طورتي آزاد ٿيو هي ڳالهھ ياد رکڻ جهڙي آھي ته انهن ملڪن جي اها آزادي سلطنت عثمانيا کان ظلم جي سبب کان نه بلڪ قوميت جي سبب کان هئي برطانيا سامراج ورهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي کي استعمال ڪندي نه صرف سلطنت عثمانيا بلڪ مغليا سلطنت کي به ان ريت ڪمزور ڪيو هو،هڪ ٻيو سبب روس سلطنت عثمانيا جي ڪمزورين کي ڏسي ڪري black sea جي ٻن اهم بندرگاهن starts of boshhous ۽ starts of daranelle تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو جيڪي سلطنت عثمانيا جي قبضي ۾ ھئا ۽ اھي بندرگاهه روس جي لاءِ نهايت اهم هئا ان وقت تائين روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب نه آيو هو آسٽريا هنگري جون سربيا کي ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ سربيا روس کان مدد گهري ۽ روس کيس کي ڀرپور مدد ڪرڻ جي پڪ ڏياري ۽ ان ريت پنهنجي فوج سربيا ۾ داخل ڪري ڇڏي، روس کي ته انهيءَ ڏينهن جي ڳولا هئي ته ڪهڙي ريت سربيا جي سياست ۾ مداخلت ڪري، هڪ اهم ڳالهھ ياد رکڻ کپي ته آسٽريا هنگري ئي سربيا کي آزادي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جرمن ۽ آسٽريا ۽ هنگري به کير جا ڌوتل نه هئا، اهي به پنهنجو پاڻ کي طاقتور بڻائڻ جي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا هئا. پر انهن جو پاور سامراجي برطانيا کان گهٽ ھو، انهن سمورن ظلمن جي پٺيان برطانيا سامراج هو. آسٽريا هنگري کي روس جي مداخلت جو پتو پوڻ تي جرمني کان مدد ۽ معاهدي جي پاسداري جي ياد ڏياري.ان ريت آسٽريا هنگري ۽ جرمني سربيا تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ روس جرمني تي حملو ڪري ڇڏيو. هلندڙ)