150

سنڌ حڪومت پاران ڪورونا ويڪسين خريدڻ جو بهتر فيصلو….

ايڊيٽوريل

سنڌ حڪومت وفاق جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان خبرون آهن ته سنڌ حڪومت ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ ڏيڍ ارب رپين جي رقم سان هڪ فنڊ پڻ قائم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ نجي ڪمپنين سان ڳالهه ٻولهه پڻ جاري آهي، صوبي جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته ويڪسين سڀ کان پهريان هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي ڏني ويندي، ٻئي طرف صحت واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي خريداري بابت سمري پڻ تيار آهي جيڪا وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن منظوري لاءِ جلد موڪلي ويندي، ترجمان وڌيڪ ٻڌايو آحي ته وفاق کان اجازت ملڻ کانپوءِ سنڌ ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين جي خريداري لاءِ قدم کڻندي ۽ ويڪسين مرحليوار گهرائي ويندي، پهرئين مرحلي ۾ فرنٽ لائين ورڪرز ۽ 60 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نه آهي ته ڪورونا جو مرض 21 هين صديءَ جو سڀ کان خطرناڪ ۽ پکڙجندڙ مرض آهي، گذريل سال کان دنيا ۾ شروع ٿيندڙ هن مرض تباهي جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن، نه صرف ايترو پر هن پکڙجندڙ مرض دنيا جي انتهائي طاقتور ۽ مضبوط ملڪن جون معيشتون به ويهاري ڇڏيون آهن، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته هن مرض جا اڃا تائين هاڃا جاري آهن، جڏهن ته پاڪستان اندر جيتوڻيڪ هن مرض جو زور ته نه رهيو آهي پر هن وقت تائين ان مرض ۾ 11 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو ان مرض ۾ متبلا پڻ رهيا آهن ۽ اهي صحتياب پڻ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اهو مرض اڃا تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي، پاڪستان اندر هن مرض سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان تعليم جو ٿيو آهي ۽ پهريان 4 مهينن کانپوءِ وري ٻن مهينن لاءِ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ۽ اڃا به اهي مرحليوار کلي رهيا آهن، مڪمل طور تي نه کلي سگهيا آهن، ساڳئي وقت دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو هن مرض جو شڪار ٿيا آهن ۽ خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ اڃا تائين به ڪروڙين ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا آهن، جيئن ته هي مرض 21 هين صديءَ ۾ شروع ٿيو، ان ڪري شروعاتي تجربن کانپوءِ دنيا جي مختلف ڪمپنين ان جون ويڪسينون تيار ڪري ورتيون آهن ۽ سڌريل ملڪن ۾ انهن جو استعمال پڻ جاري آهي پر اهڙيون ويڪسينون ترقي پذير ملڪن تائين اڃا نه پهتيون آهن ۽ دنيا وانگر اهي ملڪ پڻ پنهنجي ماڻهن کي اهڙي مرض کان محفوظ رکڻ لاءِ ويڪسينن تائين پهچ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اهڙن ملڪن ۾ پاڪستان پڻ هڪ آهي، پاڪستان جي وفاقي حڪومت به ٻن ڪمپنين کان ويڪسينون گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر ان عمل ۾ دير ٿي رهي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت پاڻ ويڪسينون گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهڙو فيصلو بهتر فيصلو آهي، ڇو ته هر جاءِ تي حڪومت کي ئي پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت قدم کڻي ٿي ته يقينن اهو عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ ئي آهي، جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت جون به ان حوالي سان اهم ذميواريون آهن ۽ ان کي به اڳتي اچڻ گهرجي ۽ صوبن کي ويڪسين ڏيڻ لاءِ تڪڙن بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن، اسان سنڌ حڪومت جي ان فيصلي جي آجيان ڪندي ان کي بهتر قدم قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ اها به گهر ڪريون ٿا ته ويڪسين عام ماڻهن تائين پهچائي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو