اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس بابت پي ڊي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو ياداشتنامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات کانپوءِ پ پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف ۽ ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ 6 سالن کان اين آر او تي هلي رهيو آحي، هن ڪيس ۾ فيصلو آيو ته عمران خان 24 ڪلاڪن اندر نااهل ٿي ويندو. هنن چيو ته پي ٽي آءِ خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ جاچ جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي، اميد ته اليڪشن ڪميشن ڪيس کي شفاف نموني اڪلائيندي.
