250

اسڪول ۾ ڪيل بدسلوڪي جا اثر اڄ به قائم آهن: سني ليون

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره سني ليون جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا ۾ گذاريل ننڍپڻ ۾ اسڪول ۾ ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو، اسڪول ۾ ٻار منهنجي رنگ، وارن ۽ لباس سبب تنگ ڪندا هئا. هڪ انٽرويو ۾ سني ليون جو چوڻ هو ته مون کي اهڙي ريت به ڊيڄاريو ڌمڪايو نه ويو جهڙي ريت ماڻهو سوچين ٿا ته ڪجهه ماڻهن مون کي برو ڀلو چيو، مان سانوري رنگ، ٻانهن ۽ ڄنگهن تي گهري ڪارن وارن واري عام ڀارتي ڇوڪري هئس، جنهن جو لباس به بهتر نه هو، جنهنڪري مون کي اسڪول ۾ خراب سلوڪ کي منهن ڏيڻو پيو جيڪو مذاق نه هو. هن چيو ته جوان ٿيڻ سان ان تجربي جا ناڪاري اثر مون تي قائم رهيا، ان مان ڪجهه خراب رويا مون کي سڄي زندگي محسوس ٿيندا رهندا جيڪو سٺو احساس ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو