ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن، ملازمن جي تنظيم سيوا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ 17هين ڏينهن به اي سي ٽو بلڊنگ اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سيوا اڳواڻن امداد علي کوسو، مجتبيٰ ڀٽو ۽ شمعون مسيح جي اڳواڻي ۾ هنيل ڌرڻي ۾ شامل ملازم انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو مدو ختم ٿي ويو آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين نئون وائيس چانسلر مقرر ناهي ڪري سگهي، جنهنڪري اداري ۾ انتظامي ڪاروهنوار رولڙي جو شڪار آهي. هنن چيو ته ڊائريڪٽر فنانس اسان جي بيمار ملازمن جي ميڊيڪل جا چيڪ روڪي ڇڏيا آهن، اسان جا ملازم مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن، جن جو علاج پئسا نه هجڻ جي ڪري روڪيو ويو، جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به بيمار ملازم کي ڪجھه ٿيو ته ان جي ايف آءِ آر اسان موجوده ڊائريڪٽر فنانس تي داخل ڪرائينداسين. هنن چيو ته ملازمن جي سالياني انڪريمينٽ سميت گورنمينٽ طرفان %10 وڌايل پگهار به گذريل ڇهن مهينن کان نه ملي آهي، ملازمن کي وردي جا پئسا به ناهن ڏنا ويا. سيوا اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سينڊيڪيٽ ۾ به رکيل اسان جا مسئلا حل ناهن ڪيا ويا ۽ جيستائين ملازمن جا جائز مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين احتجاج جاري رهندو.
233