161

جرمني پاران ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ جزوي لاڪ ڊائون ۾ 14 فيبروري تائين واڌ

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي چانسلر انجيلا مرڪل چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ 14 فيبروري تائين واڌ ڪئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري موجب چانسلر انجيلا مرڪل جو چوڻ هيو ته ڪورونا وائرس جي منتقلي کي روڪڻ ۽ وائرس جي مختلف حالتن کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾  لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. انهن قدمن تحت ڪمپنين کي چيو ويو آهي ته اهي وائرس جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي گهرن مان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏين ته جيئن ٽرانسپورٽ تي رش کي گهٽ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيڪل ماسڪ سرجيڪل يا ان کان وڌيڪ حفاظت وارا ماسڪ ، پبلڪ ٽرانسپورٽ يا ضروري دڪانن سپر مارڪيٽن ۾ پائڻ لازمي ڪن. انهن قدمن تي عمل ڪرڻ سان انهن کي کليل رهڻ جي اجازت ڏني ويندي  ۽ غير ضروري دڪان هوٽل، تفريحي ۽ راندين جون سهولتون بند رهنديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو